جوتي ڪلامندر بمبئي

جوتي ڪلامندر بمبئي: 1973ع ڌاري هيءَ ناٽڪ منڊلي مرلي ميرچنداڻي، پي. بي چاند، آوت دوداڻي، سي رام ۽ جوتي ٺاهي. هن منڊليءَ جي ناٽڪن جا مشهور ليکڪ رميش مهتا، پي، بي چاند، رام ٻيلاڻي ’خمار‘ ۽ مدن جماڻي هئا. جڏهن ته هدايتڪار به ساڳيا ليکڪ هئا. هن منڊليءَ جي مشهور ناٽڪن ۾: ’سورٺ راءِ ڏياچ‘، ’هيلو آپٽ ائڪٽر ٿيڻ‘، ’تنهنجو ئي آڌار‘، ’رشتا ناتا‘، ’ڪاڪو ڪلومل‘، ’ماءُ منهنجي‘، ’ڊاڪٽر مان ڪي تون‘، ’ساري رانگ نمبر‘، ’لنگڙو ڊاڪٽر‘، ’ليک مٽائي ڪير نه سگهندو‘، ’زندگي‘، ’هڪ ناٽڪ‘ ۽ ’پکيئڙا پڃري جا‘ شامل آهن. هنن ڊرامن جي ڪلاڪارن ۾ لڪشمي منسکاڻي، چندرا سپي، وِينا دوداڻي، پونم برج موهن، شيلا ساجناڻي، رجني، سنڌو جماڻي، متو بخشاڻي، منوج ڪمار، رميش مهتا، رميش راجپال، رام لهيجا، شيام آهوجا، ڀڳوان ڀاوناڻي، منوهر دادلاڻي، پي. بي. چاند، رميش ڪرناڻي، گلاب هيرا، خوشي مٽائي، رامچند رهيجا، رام رسيلا، جسونت ڪمار، ڪشنچند پريمي ۽ مدن جماڻي اچي وڃن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو